اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سيڪيور??ي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ??ي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪ??ي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي ??عبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي ??اري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي ??ي زرعي ??عبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي ??ي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سيڪيورٽي ??اري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.
بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ