اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ترڪيءَ دنيا جو پهريون مسلمان ملڪ آهي جنهن هٿياربند فوج جي بغاوت کي جمهوري طاقت سان منهن ڏنو آهي جيڪو پوري مسلمان دني?? جي لا??ِ نيڪ شگون آهي ۽ ترڪيءَ ان ڳالهه جي لا??ِ مبارڪباد جو مستحق آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته يقينن سڄي دني?? جي عوام ۽ اسان جي خطي جي عوام مسلمان دني?? جي عوام سڀئي پنهنجي ان حق کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته هو تبديلي ووٽ وسيلي آڻيندا ۽ پنهنجي وقت تي تبديلي آڻيندا ۽ تبديلي بيلٽ باڪس سان اچي ٿي، گولي وسيلي تبديلي نه ٿي اچي، عوام استحڪام جي لا??ِ محنت ڪندي رهي ٿي، هي ترڪيءَ جي عوام مثال قائم ڪيو آهي جيڪو سموري جمهوريت پ??ند عوام جي لا??ِ حوصلي جو سبب آهي ۽ قابل تقليد به آهي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا