ڪيف-03 جنوري (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته 2024ع دوران ڀڄي ويل يوڪرين فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، تنهن هوندي به اونهاري جي مند کانپوءِ ان رجحان ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ان رجحان جو سبب جنگ جي ڊيگهه جي ڪري فوجين جو ٿڪجي وڃڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان رجحان جو هڪ ٻ??و سبب ملڪ ۾ ريزور فوجين ۽ انهن جي سپلائي جي ک??ٽ پڻ آهي، ان کان اڳ دفاعي رپورٽون شايع ڪندڙ آمريڪي ميگزين چيو ته هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ يوڪرين جا فوجي ڀڳوڙا ٿي چڪا آ??ن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنگ جي ٽئين سال جي ويجهو پهچندي ئي ڪجهه يوڪرين جا فوجي ٿڪجي چڪا آ??ن ۽ ڪجهه جا حوصلا ڪمزور ٿي چڪا آ??ن، ڪجهه فوجي مبينه طور تي طبي بنيادن تي موڪل وٺندا آ??ن ۽ پوءِ ڪڏهن واپس ناهن ايندا، جڏهن ته ٻين پنهنجي ڪمانڊر?? کي ويڙهه سبب عين جنگ دوران پنهنجون پوسٽون ڇڏي ڏيندا آ??ن، رپورٽ ۾ اهڙي ئي هڪ يوڪرين جي فوجي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هن سرجري لاءِ فوج کان ميڊيڪل بنيادن تي موڪل ورتي هئي پر ان کانپوءِ هن پنهنجي زندگي جي حفاظت لاءِ فوج ۾ واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪي??، يوڪرين جي فوجي?? کي هر 6 مهينن کانپوءِ 10 ڏينهن تائين جي موڪل وٺڻ جي اجازت آهي پر افرادي قوت جي ک??ٽ سبب اڪثر وقت فوجي اهلڪار?? کي 6 مهينن کانپوءِ به اها موڪلڻ وٺڻ ۾ دير يا انڪار کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڄاڻايل فوجي اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جنگ جي صورتحال اها اهي ته روس طرفان 50 گولن جي جواب ۾ اسان طرفان هڪ گولو فائر ڪيو ويندو آهي، اسان روسي گوله باري جي نتيجي ۾ پنهنجي ساٿين جي جسم جا ٽڪرا ڏسندا آ??يون ۽ اهو محسوس ڪندا آ??يون ته ڪنهن به وقت اسان سان به ايئن ٿي سگهي ٿو. فوج جي ملازمت ڇڏيندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته سندن تاثر موجب روس خلاف جنگ جي قيادت کي پاڻ به پنهنجي فتح جي خاطري ناهي ۽ نه ئي ان جنگ جي ڪا پڄاڻي نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ فوجين لاءِ ملڪي دفاع لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ جي فيصلي جو جواز ڳولڻ نفسياتي طور تي مشڪل ٿي رهيو آهي.
گذريل سال دوران ڀڄي ويل فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي: يوڪرين جو صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز