لنڊن -28 آڪٽوبر (اي پي پي)والاريل ڄمون ??شمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 77 سال مڪمل ٿيڻ تي برطانيه سميت يورپ جي مختلف شهرن ۾ ??رس??ل ڪشميرين ۽ انهن ??ي حامين ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ??شمير جي تڪراري علائقي تي قبضو ڪيو. لنڊن ۾ احتجاجي مظاهرو برطانوي وزيراعظم جي آفيس 10 ڊائوننگ اسٽريٽ کان شروع ٿيو ۽ ڀارتي هاءِ ڪميشن تي پڄاڻي تي پهتو. تحريڪ ڪشمير برطانيه ۽ آل پارٽيز انٽرنيشنل ڪشمير ڪو آرڊ??ني??ن ڪميٽي جي صدر فهيم ڪياني مظاهري جي قيادت ڪئي. مظاهرين هاءِ ڪميشن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي نالي هڪ يادداشت جمع ڪرائي جنهن ۾ هن ??ي زور ڀريو ويو ته هو والاريل ڄمون ??شمير ۾ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري لاءِ تيار ٿئي. آل پارٽيز انٽرنيشنل ڪشمير ڪو آرڊ??ني??ن ڪميٽي جي سيڪريٽري جنرل انعام الحق ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن ??ي تحريڪ کي غيرقانوني طور ڀارتي قبضي مان آزادي لاءِ هڪ جائز ۽ عالمي حمايت يافته جدوجهد قرار ڏنو. هن ??زادي پسندن جي گرفتارين ۽ انهن کي بدنام ڪرڻ ذريعي ڄمون ??شمير ۾ قبرستان جي خاموشي مڙهڻ تي ڀارت جي مذمت ڪئي. تحريڪ ڪشمير اوسلو، بارسلونا، ڪوپن هيگن، گلاسگو ۽ بريشيا سميت يورپ جي وڏن وڏن شهرن ۾ به ريلين ۽ ڪانفرنسن جو بندبست ڪيو.
ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ برطانيه سميت يورپ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین