جده-14 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي فوج طرفان غزه جي پٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽرز جي نئين سر تعمير لاءِ قائم قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت ??ئي آهي. جده ۾ جاري بيان ۾ او آءِ سي حملي کي فلسطيني شهرين ۽ اسپتالن، اسڪولن، يونيورسٽين، عبادتگاهن، رهائشي گهرن سميت غزه جي پٽيءَ ۾ شهري ملڪيتن کي نشانو نه بنائڻ لاءِ جاري فوجي جارحيت جو قرار ڏنو جيڪو عالمي انساني قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. او آءِ سي عالمي برادريءَ کان پنهنجي م??البي جي تجديد ??ئي ته هو قابض اسرائيل کي عالمي انساني قانون ۽ گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي م??بور ڪري جنهن مان تازا ترين قرارداد گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي 26 آڪٽوبر 23ع تي منظور ڪئي، جنهن ۾ شهرين، ملڪيتن، انساني امداد فراهم ڪندڙ سان گڏ??گڏ اثاثن ۽ سهولتن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. او آءِ سي غزه تائين انساني امداد جي فوري، محفوظ، پائيدار ۽ بنا رنڊڪ جي فراهميءَ جو به مطالبو ڪيو.
او آءِ سي جي اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil