اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي ??زادي ۽ خودمختياري جي ??ق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو، عالمي برادري فلسطين ۾ اسرائيل جي ??لمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائ??ي ڪارروائي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ فلسطيني عوام جي ??ودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ??مايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال فلسطين جي ??اريخ جو انتهائي ڪارو ترين سال رهيو آهي، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي انساني حقن جي قانونن جي ??لاف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران انساني امداد جون ڪوششون به بري طرح متاثر ٿيون آهن جنهن سان گهيري ۾ ورتل آبادي جي مصيبتن ۾ شدت آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها فلسطين ۾ اسرائيل جي ??لمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائ??ي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته شهرين، اسپتالن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، فلسطينين جي لاءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آهي، انهن سنگين جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي ??ي رحم خلاف ورزين جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي ??والي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهلائي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ??يليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطيني ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي فلسطيني پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??ي لاءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي ??والي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي ??نروا جي ??هم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي ??ديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي ??ق جي لاءِ فلسطيني عوام جي ??ائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين جنهن جو اظهار انصاف جي ??المي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي ??ازي مشاورتي راءِ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لام??ي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپي?? قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ??و مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي ??رحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام پاران فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ توهان جي ??دوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهنداسين.
پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão quina