اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي م??ڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي تحفظ جي لاءِ خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي بل جي م??ظوري اهم اڳڀرائي آهي، بل تحت خصوصي عدالتون اوورسيز پاڪستانين جي م??ڪيتن تي ناجائز قبضي بابت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني اسان جي م??ڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ت?? اوورسيز پاڪستاني م??اسٽا جي ناڻي جي ذريعي م??ڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي م??ادن جي تحفظ جي لاءِ هر ??مڪ?? قدم کنيا پيا وڃن. وقتي صدر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha