اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسل??ان امت جي اتحاد سميت خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب ج?? 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ سعودي سفارتخاني پاران منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي گورنرز ۽ پنجاب ج?? وزيراعليٰ کانسواءِ وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ سعودي عرب ج?? سفير نواف بن سعيدالمالڪي، غيرملڪي سفارتڪارن، سعودي شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين الشريفين شاهه سل??ان ??ن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سل??ان ??ن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب ج?? عوام کي قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ??ائ?? ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ انهن مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر آصف علي زرداري ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان جي ويزن ۽ سعودي عرب ج?? ترقي کي ساراهيندي چيو ته ولي عهد جا جرئتمنداڻا قدم سعودي عرب کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪندا. صدر تبديلي جي سفر ۾ سعودي عرب ج?? ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر سعودي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ اٽڪل 27 لک پاڪستانين جي ميزباني تي ٿورا مڃيا جيڪي سعودي عرب ج?? سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسل??ان امت جي اتحاد ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ تقريب ج?? شروعات پاڪستان ۽ سعودي عرب ج?? قومي ترانن جي ڌُن سان ٿي. ان موقعي تي صدر سعودي عرب ج?? سفير ۽ ٻين مهمانن سان گڏ سعودي عرب ج?? 94 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب ۾ صدر پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي غل??ف ڪعبه تحفي طور پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پاران سعودي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل