اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ ت??رار کان پاڪ پ??امن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا. اڄ جي ڏينهن اسان دنيا وچ ۾ ڳالهين ۽ افهام تفهيم کي هٿي وٺائڻ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان طرف عملي طور تي قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته اڄ جي دنيا تڪرارن سبب ورهاڱي جو شڪار آهي، اسان کي سڄي دنيا وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن جي م??صد?? لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ جو پختو يقين رکي ٿو. جڏهن ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ ضروري آهي، هن خطي ۾ ڄمون ڪشمير جو تڪرار هڪ پ??اڻو مسئلو آهي جنهن جي جٽادار حل جو بنياد غير جانبدار راءِ شماري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عمل ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي فلسطينين جي حالت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي رياستي جارحيت جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر ۾ ديرپا امن لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ فلسطينين جي خواهشن موجب تڪرار جو پرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پ??امن مستقبل تعمير ڪندي دنيا کي امن جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا.
حڪومت ۽ عوام، جنگ ۽ تڪرار کان پاڪ پرامن دنيا کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي، ڳالهين ذريعي خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي پڪو يقين رکون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا