اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ??حسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن ??اء?? ڪراچي ۾ عراقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ ??اء?? اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير ??حسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين ??اء?? ويزا فيس ختم ڪرڻ ??اء?? گهرو وزير ??نهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير ??حسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ??رتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير ??حسن نقوي زائرين جي سهولت ??اء?? قدمن تي عراقي گهرو وزير ۽ عراقي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي سفير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزير ??حسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير ??حسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن ??اري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق ??اء?? هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ