اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پ??ڪس??ان ”اوڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل ج?? پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل ج??ن غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز عمل ??لسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل ج?? اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پ??ڪس??ان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پ??ڪس??ان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پ??ڪس??ان انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل ج?? غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پ??ڪس??ان عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملد??آم?? جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين جي نه کسجڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان پاران انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی