اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز ??ٿاريو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي پنهنجي پاليسي بيان ۾ هن چي?? ته اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ پڻ ڀرپور آواز ??ٿاريو آهي. عمان ۾ پڻ 65 ملڪن جي اجلاس ۾ اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ جي لاءِ آواز ??ٿاريو، هيستائين فلسطينين جي لاءِ امدادي سامان جون 9 کيپون موڪلي چڪا آهيون. هن چي?? ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، جنگي ڏوهه ڪرڻ تي اسرائيل جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چي?? ته وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ پڻ ان مسئلي تي ڀرپور آواز ??ٿاريو. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل بيت المقدس جي گادي واري شهر سان گڏ آزاد فلسطيني ريا??ت جو حامي آهي. هن چي?? ته انگلينڊ جي ڪجهه تنظيمن غزه ۾ ميڊيڪل جي شاگردن جي مسئلن کان اسان کي آگاهه ڪيو جنهن تي اسان پي ايم ڊي سي کي فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جي طبي تعليم ڏيڻ بابت لکيو هو. پي ايم ڊي سي پرڏيهي وزارت جي موقف تي فلسطيني شاگردن کي پنهنجي انتظام هيٺ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ هيستائين 37 هزار فلسطيني شهيد ۽ 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن، پاڪستان ان معاملي تي او آءِ سي، استنبول ۾ پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ