اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي نگ??ان پرڏيهي وزير چيو آهي ته حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو، پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران پاران 16 جنوري تي پاڪستان ۾ ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي پاڪستان جي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کي عالمي قانونن ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي به کلي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پڌرائي موجب ايران پاران ڪيل حملي جي سختي سان مذمت ڪندي نگ??ان پرڏيهي وزير چيو ته ان حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو. هن چيو ته پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جو نگ??ان پرڏيهي وزير جيڪو هن وقت غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ موجود آهي، کي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ٽيليفون ڪئي ۽ نگ??ان پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جو خطرو خطي جي لاءِ گڏيل آهي ۽ ان کي چِٿڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني واضح ڪيو ته اها هڪطرفي ڪا??روائي خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڏو هاڃو رسائي سگهي ٿي. هن چيو ته خطي جي ڪنهن به ملڪ کي اهڙي خطرناڪ رستي تي هلڻ نه گهرجي.
ايران جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ٽيليفون تي رابطو، حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو، پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔