تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستا?? جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذ??ر ڪندي نگران وزيراعظم آذربائيجان ايئرلائي?? جي پاڪستا?? جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريش?? جي اعلا?? جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻه?? جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربائيجا?? جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم?? جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آذربائيجا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي خاص طور تي ڪاراباغ ??ي حوالي سان پاڪستا?? جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی