اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ سبب متاثر صارفين کي 41 لک رپيا واپس ڏيڻ جي هدايت ڪندي بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف مسلم ڪمرشل بئ??ڪ جون 3 ۽ الائيڊ بئ??ڪ جي هڪ اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اپيلن کي رد ڪندي چيو ته بئ??ڪن آن لائين فنڊز ٽرانسفر جي حوالي سان اسٽيٽ بئ??ڪ جي ضابطن جي تعميل ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪي?? ۽ صارفين جي رضامندي کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪي??. تفصيل موجب ٻن نجي بئ??ڪن جي 4 صارفين جي بئ??ڪ اڪائونٽس مان جعلسازن رقم ڪڍرائي وئي. صدر چيو ته بئ??ڪن فنڊز ٽرانسفر جي فائدن ۽ نقصانن بابت واضح ۽ سادي زبان ۾ صارفين کي نه ٻڌايو ۽ صارفين جي اجازت کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ سان صارفين کي نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته بئ??ڪون بدانتظامي جي مرتڪب ۽ صارفين جو نقصان پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. تفصيل موجب سميرا الله دته، افضال عباس ڪاظمي، فرح محمد خان ۽ ڊاڪٽر ڪنور شڪيل احمد (شڪايت ڪندڙ) کي ترتيبوار 15 لک، 9 لک 85 هزار، 9 لک 60 هزار ۽ 5 لک 98 هزار رپين جو نقصان ٿيو. ڊاڪٽر ڪنور کي هيلپ لائين تان شڪي نمبر تان ڪال موصول ٿي، ڪالر ذاتي بئ??ڪنگ معلومات طلب ڪئي. بئ??ڪنگ معلومات شيئر ڪرڻ کانپوءِ اڪائونٽ مان 598000 رپيا منتقل ڪيا ويا. ذاتي تفصيل شيئر نه ڪرڻ جي باوجود سميرا، افضل ۽ فرح جي بئ??ڪ اڪائونٽس مان وڏي رقم غائب ڪئي وئي. صارفين رقم واپسي جي لاءِ جدا جدا بئ??ڪن سان رجوع ڪي?? پر ڪو فائدو نه ٿيو. بعد ۾ صارفين بئ??ڪنگ محتسب کي شڪايتون داخل ڪرايون جنهن بئ??ڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئ??ڪن بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي درخواستون داخ ڪي??ن. صدر مشاهدي کانپوءِ چيو ته شڪايت ڪندڙن لاڳاپيل بئ??ڪن مان فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي درخواست نه ڪئي ۽ اهو ته بئ??ڪن دوکيبازي جو خطرو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مناسب نظام ۽ ڪنٽرول نه لڳايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جعلسازن بئ??ڪن جي ڪمزور نظام ۽ ڪنٽرول جو فائدو کنيو، جعلساز پاڻ کي بئ??ڪن سان رجسٽر ڪرائڻ ۽ تڪراري ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صدر چيو ته آن لائين ڏيتي ليتي لاءِ نئين اوزارن کي بئ??ڪن ۾ جعلي ڏيتي ليتي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي رجسٽر ڪي?? ويو، بئ??ڪن فنڊز ٽرانسفر سهولت جي حوالي سان استيٽ بئ??ڪ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تعميل نه ڪئي، صارفين کي آسان زبان ۾ لکت ۾ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاهه نه ڪي?? ويو، بئ??ڪن جو موقف ته ڏيتي ليتي ۾ پاسورڊ استعمال ٿيا ۽ اهي صارفين جي رضامندي سان ٿيا، کل جوڳي آهي. صدر چيو ته پهريون مرحلو فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ جي لاءِ صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ آهي، ٻيو مرحلو ڏيتي ليتي کان اڳ صارف جي سيڪيورٽي جي لاءِ تصديق ڪرڻ آهي، بئ??ڪون ٻن جدا جدا مرحلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اي ايف ٽي چينل کي رضامندي کانسواءِ نه ٿو کوليو وڃي ته صارفين مالي نقصان کان بچي سگهيا پئي، بئ??ڪون پنهنجي قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، بئ??ڪن بدانتظامي ڪئي. صدر بئ??ڪن جي اپيل رد ڪندي متاثر صارفين کي 41 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
صدر پاران فراڊ سبب متاثر صارفين کي 41 لک رپيا واپس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena