اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پ??هن??ي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چي?? ته مان 30 سالن کان پوءِ پ??هن??و ٻيو حج مڪمل ڪيو آهي. هن چي?? ته مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پ??ڪ غفور رحيم م??هن??ي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪيو، ايستائين جو پ??هن??ي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عارف علوي چي?? ته م??هن??ي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.
پاڪستاني قوم رواداري، اتحاد ۽ عظمت جي نئين تاريخ رقم ڪئي: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری