اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پ??ڪس??اني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پ??ڪس??اني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سا?? ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا