اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ ع??ر??ن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحي??ن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سڄي دنيا ۾ ع??رتن جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن سان صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو اسان جي ڌيان جو گهرجائو آهي، اهو صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اختراع جو ڪردار آهي. ڊيجيٽل تفريق عورتن جي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان انهن جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. اسان کي ٽيڪنالاجي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ انڊسٽري ۾ ع??رتن جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انهن جي پهچ گهٽ آهي. ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ ع??رتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ڏٺو ويو. وڌيڪ اهو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيسن جي لاءِ آن لائين پليٽ فارم استعمال ڪري رهيون آهن. اهو پاڪستان ۾ ع??رتن جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪافي حوصلي جوڳو آهي، اسان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي?? ۽ ??ليٽ فارمز تائين انهن جي پهچ کي بهتر ب??ائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي عورتون انهن ڪيترين ئي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو انهن کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ ع??ر??ن کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عور??ن کي بااختيار ب??ائڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته اسان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو عور??ن کي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. هن چيو ته اسان کي ٽيڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي شموليت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ انهن جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. اسان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ ع??رتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحي??ن کي حاصل ڪري سگهن. اچو اسان وچن ڪريون ته ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي عور??ن کي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.
زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج