اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ??رڻ جي مرتڪب آفيسرن جي ??لاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي ??فتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي ??ولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي ??ياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي ??وايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي ??چت جي ??والي سان وزيراعظم جي ??ڪمن جي ??وشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي ??مل بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي ??والي سان ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي ??ياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوالي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي ??جلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي ??لاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي ??چت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ??ريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ??عليمي نصاب ۾ ان حوالي سان مواد شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي ??ولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ ??حمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث