مظفر ??با?? -05 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ڌار ڌار سياسي وابستگين باوجود سڄي ملڪ جي سياسي قيادت جو مظفر ??با?? ۾ ڪشمير ڪاز لاءِ گڏ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي پوري دنيا آڏو نروار ڪيو، ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشمير ۾ ظلم جو داستان رقم ڪري رهيو آهي پر ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جذبي کي ماٺو ناهي ڪري سگهيو. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ مطابق وزي??اع??م محمد شهباز شريف اهڙو اظهار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي مظفر ??با?? ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت سان ملاقات ۾ ڪيو. وزي??اع???? چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن مسئلن جو حل اسان ويهي ڪڍنداسين. هن چيو ته پاڪستان توهان سان گڏ آهي ۽ هميشھ ڪشميرين سان سندن جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندو. وزي??اع???? چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت سياست کان مٿانهون ٿي اتحاد سان قومي معاملن تي گڏ ٿينداسين، ته اهو وقت پري ناهي جو سمورا مسئلا حل نه ٿين. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م پاڪستان جي وزي??اع??م جي 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير تي مظفر ??با?? آمد تي ڪشمير ڪاز لاءِ سندس آجيان ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزي??اع???? چيو ته پورو ڪشمير اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان جي وزي??اع??م جي مظفر ??با?? امد تي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿو. ۽ سندس قدم ڪشميرين جي دلين ۾ قدر کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بالخصوص موجوده حڪومت ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ان امر کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي تي ڪشميري عوام وزي??اع??م کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م سردار تنوير الياس، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر سردار حسن ابراهيم خان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت جي مظفر آباد ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری