اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ ک??ن محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي ??هچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي م??قعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ اي سي او جي م??مبر ملڪن جي سربراهي اجلاس جي م??زباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرمين ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي ??سيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن علائقائي م??ڪن جي ??چ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم اي سي او جي ??چ ايشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي ??راهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاون جي ??يزن جي ذريعي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذريعي رابطاڪاري سان علائقائي م??ظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن ک??ن مالامال ملڪ پنهنجو?? شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي ??الي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿيندي.
وزيراعظم پاران سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ