اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عي??يٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪو??ونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پ??ران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه حمد بن عي??يٰ آل خليفه عيدالفط?? ۽ ??ازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جيبحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، عيدالفطر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری