چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??ريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ??يڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان ??و سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ ??ڪا??ونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آ??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان ??و سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم ع??را?? خان اهو واحد حڪ??را?? آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن ??ڪا??ونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آ??يون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي ??ڪا??ونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي.
مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا