اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي اف??انستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اف??انستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کا?? گهٽ نه آهي، اف??انستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، اف??انستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي اف??انستان جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کا?? آگاهه ڪيو آهي، اف??انستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ??الهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، اف??انستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون اف??انستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي اف??انستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه اف??انستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ اف??ان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه اف??انستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو اف??ان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه اف??انستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ