اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ??شاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي، ان تي تشدد ڪري قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون، سنڌ حڪومت جو رويو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سنڌ حڪومت قانون جو احترام ڪري، حليم عادل شيخ سان جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي ا??ان ان جي ??ذمت ڪريون ٿا، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر، بي باڪ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، اسان ان معاملي کي ا??يمبلي سميت هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين، جيستائين پئسي جي سياست آهي، جمهوريت مضبوط نه ٿيندي ۽ نه ئي معيشت، گهٽ تعداد جي باوجود پ پ پ ڪهڙي بنياد تي سينيٽ اليڪشن کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، ٿرپارڪر ۾ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو آهي، ڊسڪه ۾ اليڪشن جو فيصلو جيئن جو تيئن تسليم ڪنداسين، (ن) ليگ ماڊل ٽائون ۽ فيصل آباد مان تشدد جي سياست متعارف ڪرائي، ڌمڪي، طاقت ۽ لالچ جي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، جمهوريت جا اصل ثمر حقيقي نمائندن جي ذريعي سامهون اچي سگهندا، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي ??اءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ نه پر ٻين پارٽيون تشدد جي سياست شروع ڪئي، ڪي پي ڪي ۽ نوشهره ۾ پرامن چونڊون ٿيون، تشدد جي ڪلچر کي تبديل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪ??نفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت حيلم عادل شيخ سان جيڪو به رويو اختيار ڪيو، اهو مذمت جوڳو آهي، اهو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي طرف وٺي وڃي ٿو، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر ۽ بي باڪ سنڌ اسيمبلي ميمبر، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، سنڌ حڪومت جي ??ااهلين ۽ ڪرپشن جي ??شاندهي تي سندس فارم هائوس کي منع نامي باوجود ڪيرايو ويو، حليم عادل شيخ تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سنڌ حڪومت پوليس جي ا??تيارن کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو.
حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ