اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پ?? پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آء?? پي پ??ز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آء?? پي پ??ز کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ا?? سي سي کنڊ جي پ??داوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ا??ڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ا??ف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آء?? پي پ??ز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آء?? پي پ??ز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، ا?? سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، ا??ڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آء?? پي پ??ز کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان س??ن انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، ا??تصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ