پشاور – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات ??اب?? خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي جهنجهوڙڻ ۽ انهن کي ??ار??ي والاريل ڪشمير ۾ ڪيل انسانيت جي تذليل کان آگاهه ڪرڻ آهي، سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ??ار?? جي ان دعويٰ تي ڪاري ضرب آهي ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي، مهذب دنيا مودي جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جو نوٽيس وٺي رهي آهي. خميس ڏينهن پشاور پريس ڪلب ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي پاڪستان جي پريس ڪلبن هر اول دستو بڻجي ميڊيا جي فورم تان ??ار??ي يوم آزادي جي موقعي تي پشاور پريس ڪلب ۾ هندستان جو يوم بربادي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو خوش آئنده ۽ ??حس??ن جي قابل آهي، هن چيو ته اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍيا پيا وڃن.
ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي جهنجهوڙڻ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری