اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوان قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي حوالي سان سم??را قانوني اسحتقاق استعمال ڪندي ۽ اعليٰ عدليه مان سرخرو ٿيندي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف سم??ت سم??ريون سياسي پارٽيون تنقيد کان اڳ رپورٽ جي نقطن تي قانوني ماهرن کان مشورو ڪري وٺن ته بهتر ٿيندو، نقطن ۾ جي آءِ ٽي وزيراعظم جي حوالي سان ڪا حتمي راءِ ناهي ڏني، امڪان آهي ته جا لفظ استعمال ڪيا، ميڊيا کي گذارش آهي ته اها جي آءِ ٽي جي نقطن کي پنهنجي اسڪرينن تي ڏيکاري. هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ٽيڪس چوري، من?? لانڊرنگ، قومي دولت ڦرڻ جهڙن 7 الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي پر ان حوالي سان رپورٽ ۾ هڪ لفظ به موجود نه ??هي ۽ نه ??ي بابت الزام جي آءِ ٽي کي مليا آهن. هن چيو ته ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ سياسي ڪيريئر دوران هنيل منصوبن ۾ بدعنواني جو ڪو الزام ئي ثابت ڪن ها، جي آءِ ٽي اختيارن کان هٽي ڪري وزيراعظم جي خاندان کي گهرايو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ مريم نواز جو نالو نه هو پر کيس به گهرايو ويو.
جي آءِ ٽي رپورٽ جي حوالي سان سمورا قانوني اسحتقاق استعمال ڪنداسين: طارق فضل/ دانيال عزيز
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena