چيچه وطني – 11 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيچه وطني کي موٽر وي سان ملائڻ، سوئي گئس جي فراهمي، بهت?? تدريسي سهولتن سميت جامع ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪ??دي چيو آهي ته پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، ڪجهه سالن ۾ ترقي جي عروج تي هوندو ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪندو، روز نوان الزام لڳائيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ پاڪستان جي ڪلچر کان واقف ناهن، عوام گ??دي زبان استعمال ڪندڙن جو ساٿ ڇڏي رهي آهي، اسان پنج سالن کانپوءِ پنهنجو حساب ڏينداسين ۽ مخالفن کي به پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو. هن اها ڳالهه 23 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مال پڙي جي سنگ بنياد جي تقريب جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪ??دي چئي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔