تهران – 18 اپريل(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيمي رئيسي، سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلم??ن بن عب??لع??يز کي تهران جي دوري جي باضابطه دع??ت ڏني آهي. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن نيوز ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ايران جي صدر ابراهيمي رئيسي سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلم??ن بن عب??لع??يز کي رياض طرفان ڏنل دوري جي دع??ت جي جواب ۾ تهران جي دوري جو دع??ت نامو اماڻيو آهي. ايران جي خابرو اداري مطابق ٻنهي ملڪن جا فني وفد پنهنجي سفارتي مشن کي باضابطه طور ٻيهر کولڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. تهران جو چوڻ آهي ته اهو مشن 09 مئي تائين پنهنجون سرگرميون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو. واضح رهي ته مارچ ۾ چين جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل معاهدي بعد ايران ۽ سعودي عرب 07 سالن بعد سفارتي ناتن جي بحالي تي اتفاق ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج