اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سي پيڪ تحت جاري رٿائن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهي م??صوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ?? اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سي پيڪ جي جاري رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ ا??يس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي پيڪ تحت پنج ساله ترقياتي م??صوبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن صوبن جي شموليت ۽ ترقيءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀريو.هن هدايت ڪئي ته سي پيڪ فيز ون، سي پيڪ فيز ٽو جهڙن اهم جُزن کي شامل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي م??صوبا پنهنجي م??رر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ايم ايل ون (ملتان ??ان پشا??ر ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم منصوبن جي وقت سر تڪميل تي خاص زور ڀريو ۽ هدايت ڏني ته انهن منصوبن جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. احسن اقبال سي پيڪ منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي م??صوبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ?? اهم ڪردار ادا ڪندا.
سي پيڪ منصوبو پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جو ضامن آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم