اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس سياسي ۽ سماجي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سي??يٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قوم بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکندي. هن ??يو ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر عورت هئي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس قربانيون ناقابل فراموش آهن ۽ سندس ڪيل خدمتن جي ڪري قوم هن ??ي مادر جمهوريت جهڙي خطاب سان نوازيو. بيگم نصرت ڀٽو ج??هن بهادري سان مارشل لا جي اونداهي دور جو مقابلو ڪيو تاريخ ۾ ان جو مثال ??ٿو ملي. سي??يٽ چيئرمين چيو ته بيگم نصرت ڀٽو اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جذبي ۽ پختي ارادي سان مشڪل کان مشڪل دور جو به ڄمي منهن ??ئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي هن قوم جي عورتن لاءِ مشعل راهه آهي.
قوم بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکندي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha