اسلام آباد – 14 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي. سماجي را??طن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ و??يراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ، اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري ج?? منتظر آهن جي??و پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي.
پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج