اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دني?? ۾ ??مهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت جو آئيني قدر?? جي پاسداري، جمهوريت، قانو?? جي حڪمراني ۽ انساني حق?? جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسا?? جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ڪريو?? جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سان گڏوگڏ ايندڙ نسل?? جي ترقي جو پيش خ??مه ثابت ٿئي.
حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي: وزيراعظم شهباز شريف جو جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج