اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جو پختو عهد ڪيو آهي، پوليو جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن، هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پو??يو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جي يونين ڪائونسل سي ٽي آر -5 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. دوري جي موقعي تي هن جاري پو??يو مهم جو جائزو و??تو ۽ پوليو و??ڪرز سان ملاقات ڪندي سندن ڪاوشن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته 115 ضلعن ۾ جاري پو??يو مهم جو ٽيون ڏ??نهن آهي. پو??يو مهم ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پو??يو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پو??يو ٽ??من سان سهڪار ڪن ۽ پو??يو مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پو??يو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين.
پوليو جي خاتمي لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن: عائشه رضا فاروق
مضمون کا ماخذ : رومن دولت