اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻار?? جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لا??و ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوب?? جي پوليس ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌري?? جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فوري حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻار?? جي وقت سر بازيابي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع لا??و ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي اسلام آب??د، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز، اي?? جي اوز جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻار?? جي گم ٿ??ڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رک?? ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لانچ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي پوليس آفيسر?? جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن گم ٿيل ٻار?? جي جلد بازيابي جي لاءِ فوري ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.
زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث