اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. اها ڳا??هه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳا??هائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳا??هه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چون??ن ۾ حصو وٺڻ جي لا??ِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لا??ِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II