اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفا ??اڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشنن جي باقاعده انعقاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا ??اڳ??پا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيال?? جو اظهار اردن ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد اجمل اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اردن ۾ پاڪستا?? جو سفير واپار، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن ??اڳ??پن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ اردن جا ??اڳ??پا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان اردن سان واپاري، اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ??اڳ??پا وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ موجوده ??اڳ??پن جي سطح تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ اردن هڪ ٻئي جي لاءِ گرمجوشي رکن ٿا ۽ گڏيل خيال رکندڙ آهن. صدر سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ??اڳ??پا بهتر بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اسلامي دنيا خاص طور تي فلسطين ۽ اسلامو فوبيا بابت مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ نظرين ج?? هڪجهڙائي کي ساراهيو. صدر مختلف مسئلن تي ٻين مسلمان ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia