اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪيا وڃن، پوسٽ ماسٽر جنرل پنجاب لاهور پاران تاريخ پيدائش ۾ غلطي جي ڪري اڳوڻي ملازم جي پين??ن جي مراعتن مان غلط طريقي سان رقم ڪاٽي وئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملازم مجاز اٿارٽي جي ??ڪم تي رٽائرمينٽ کانپوءِ وڌيڪ چار سال پنهنجي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان مد?? جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ جو پڪو يقين رکندو هو. هن وڌيڪ چيو ته ملازم کي پين??ن جي فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ ان جي فرضن جي سرانجام ڏيڻ ۾ ادا ڪيل پگهار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني ۽ بدانتظامي آهي. صدر اهي ريمارڪس محمد يوسف (شڪايت ڪندڙ) پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي قبول ڪندي ڏنا. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ چيو ته پاڪستان پوسٽ ان جي پينشنري فائدن مان رقم ڪاٽي ورتي آهي. شڪايت ڪندڙ الزام هنيو هو ته هن ايجنسي ۾ 38 سال خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هو 2016ع م رٽائرڊ ٿيو پر ان جي کاتي ان جي تاريخ پيدائش غلط داخل ڪئي جنهن جي ڪري ان جي رٽائرمينٽ جو سال 2012ع ۾ تبديل ڪيو ويو جنهن جي ڪري 1.35 ملين رپين جي رقم ان جي پينشنري مراعتن مان چار سال جي پگهار جي بدلي بنا جواز ڪاٽي وئي. بعد ۾ ان حوالي سان وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ويو جنهن پاڪستان پوسٽ جي حق ۾ ??ڪم جاري ڪيا. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر آڏو ان معاملي کي اٿاريندي اپيل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شڪايت ڪندڙ جي درخواست کي قبول ڪندي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ کي تاريخ 04.06.2015 جي خط جي ذريعي شڪايت ڪندڙ کي آگاهه ڪيو ته ان جي رٽائرمينٽ 05.05.2016 کان لاڳو هوندي ۽ شڪايت ڪندڙ ايجنسي جي ڄاڻايل ??ڪم جي بنياد تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. هن چيو ته جيتوڻيڪ فيڊرل سروس ٽربيونل ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ذريعي ملازم جي رٽائرمينٽ جي صحيح تاريخ جو معاملو طئي ٿي ويو هو تنهن هوندي به ڪنهن ڪارڪن کي ان جي خدمتن جي عيوض پگهار کان محروم ڪرڻ جو معاملو اڃا تائين حل طلب آهي. صدر پنهنجي ??ڪم ۾ نشاندهي ڪئي ته شڪايت ڪندڙ کي ??ڪم موجب ڊيوٽي ڪرڻ جي لاءِ پگهار ادا ڪئي وئي هئي ۽ ڄاڻايل مد?? جي لاءِ پگهار وصول ڪرڻ ان جو حقيقي يقين هو. ٻين لفظن ۾ هو غلطي تي نه هو ڇو ته هن مجاز اٿارٽي جي ??ڪم تي عمل ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي انجنيئر ان چيف برانچ ۾ دفاع واري وزارت وغيره بمقابلا جلال الدين (PLD 1992 SC 207) ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به حوالو ڏنو، جنهن ۾ مدعي جلال الدين کي غيرقانوني طور تي اعليٰ عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي ۽ ان وقت تائين پگهار ادا ڪئي وئي جيستائين جو پروموشن غيرقانوني ثابت ٿي وئي ۽ پروموشن آرڊر رد ڪيا ويا. اداري ان جي اعليٰ عهدي تي فائز رهڻ دوران ادا ڪيل پگهارن جي وصولي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي هئي. هن فيڊرل سروس ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. اپيل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران اهو قرار ڏنو ويو هو ته جيتوڻيڪ اٿارٽي مجاز آهي ته غيرقانوني ??ڪم واپس وٺي، جواب ڏيندڙ پگهار جي مدر رقم حاصل ڪئي هئي ڇو ته هن فرض سرانجام ڏنا هئا جڏهن ته ادارو ان مد?? دوران ورتل رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ”جيستائين بحث هيٺ رقم جي وصولي جو تعلق آهي، لوڪس پوئينٽينشيا (Locus Poenitentiae) جو اصول لاڳو ٿيندو ۽ اپيل ڪندڙ رقم جي وصولي جو حقدار نه آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وفاقي محتسب غلطي سان ايجنسي کي شڪايت ڪندڙ کان وڌيڪ ادا ڪيل رقم جي وصولي جو جواز فراهم ڪيو هو ۽ هو لوڪس پوئنيٽينشيا جي اصول جي تعريف ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن جي ڪري اداري کي وصول ڪيل رقم جي وصولي کان روڪيو ويو هو. صدر چيو ته حضور نبي اڪرم ﷺاسان کي مزدور جو پگهر سُڪڻ کان اڳ اجرت ادا ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو هو ۽ ڪو قانون محنت جي وقار جي ان جذبي کي زير نه ٿو ڪري سگهي. شڪايت ڪندڙ کي پينشنري فائدن کان محروم ڪرڻ ۽ پاڪستان پوسٽ پاران ڊيوٽي جي ادائيگي ۾ ادا ڪيل پگهار جي ڪٽوتي غيرقانوني آهي. هن نتيجو اخذ ڪيو ۽ پاڪستان پوسٽ کي هدايت ڪئي ته وصول ٿيل رقم شڪايت ڪندڙ کي ادا ڪري.
صدر پاران پاڪستان پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي رٽائرڊ ملازم کي 1.35 ملين رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان