اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ کي فراڊ کان متاثر صارف کي منافعي سان گڏ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر يو بي ايل پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست ر?? ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته سموريون بئنڪون آن لا??ين فراڊ روڪڻ جي لا??ِ نظام ۾ ڪوتاهين کي خ??م ڪن ۽ صارفين کي ڊيجيٽل بئنڪنگ بابت آگاهه ڪن، ڊيجيٽل بئنڪنگ فعال ڪرڻ کان اڳ صارفين کي آن لا??ين فنڊز جي منتقلي جي سهولت جي فائدن ۽ نقصانن بابت تعليم ڏين، سموريون بئنڪون آن لا??ين فنڊز جي منتقلي جي سهولت، صارفين جي رضامندي جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جي تعميل ڪن، تڪراري ڏيتي ليتي جي شڪايت ر?? ٿيڻ تي صارف کي سادي خ?? ۾ بئنڪنگ محتسب کان ريليف جي لا??ِ رجوع ڪرڻ جو ٻڌايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب عبدالرئوف (شڪايت ڪندڙ) کي بئنڪ جي هيلپ لا??ين سان ملندڙ جلندڙ فون نمبر تان ڪال موصول ٿي جنهن ۾ ڪالر تعارف بئنڪ نمائندي طور ڪرايو ۽ صارف کان بئنڪنگ تفصيل طلب ڪيا، جيڪي هن فراهم ڪيا. بعد ۾ صارف جي اڪائونٽ مان 79500 رپين جي رقم آن لا??ين ٽرانسفر ڪئي وئي. صارف وڃايل رقم جي واپسي جي لا??ِ بئنڪ سان رجوع ڪيو پر ريليف نه مليو. صارف معاملو بئنڪنگ محتسب جي سامهون اٿاريو، جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. بئنڪ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي. درخواست تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ صدر ڪيس جي ايوان صدر ۾ ٻڌڻي ڪئي. بئنڪ ٻڌڻي ۾ موقف اختيار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ جي بئنڪ اڪائونٽ مان ڪيترين ئي ننڍين رقمن جُون 16 ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ کي پنهنجي ذاتي تفصيل کي محفوظ رکڻ گهرجي ها، تڪراري ڏيتي ليتي جو بئنڪ کي ذميوار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. بئنڪ پاران وڌيڪ چيو ويو ته صارف پاڻ پنهنجي بئنڪنگ جي معلومات ڪالر سان شيئر ڪئي. ٻڌڻي دوران صدر چيو ته بئنڪ ٻن مختلف مرحلن کي هڪ ٻئي سان الجهائي رهي آهي. پهريون مرحلو آن لا??ين ٽرانسفر جي سهولت کولڻ جي لا??ِ صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ آهي، ٻيو مرحلو آن لا??ين بئنڪنگ ڏيتي ليتي کان اڳ صارف جي تصديق ڪرڻ آهي، بئنڪ آن لا??ين چينل صارف جي رضامندي کانسواءِ ۽ صارف کي سهولت جي فائدن ۽ نقصانن بابت ٻڌائڻ کانسواءِ کوليو صدر چيو ته بئنڪ صارف ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، بنا اجازت آن لا??ين فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ کانسواءِ فراڊ ممڪن نه هو. صدر قرار ڏنو ته بئنڪ اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن جي تعميل نه ڪئي، يونائيٽيڊ بئنڪ پاران اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن جي عدم تعميل بدانتظامي جي برابر آهي، ان لا??ِ بئنڪ جي درخواست ر?? ڪئي وڃي ٿي، بئنڪ پنهنجي نظام کي بهتر بڻائي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي وقت صارفين کي معلومات فراهم ڪئي وڃي، بئنڪ 30 ڏينهن جي اندر منافعي سان گڏ 79500 رپيا صارف کي واپس ڪري.
صدر پاران يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ کي فراڊ کان متاثر صارف کي منافعي سان گڏ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری