اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ وومين ڪاڪس جي انتظام هيٺ ”ڪل جماعتي عورتن جو منشور“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي وئي جنهن جو پڄاڻي وارو سيشن سڀاڻي اربع ڏينهن ٿيندو. ڪانفرنس جو بنيادي مقصد پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ سياسي پارٽين پاران پاڪستان ۾ عورتن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ويزن ۽ فريم ورڪ جو تنقيدي جائزو وٺڻ آهي. افتتاحي اجلاس جي صدارت سيڪريٽري ڊبليو پي سي ڊاڪٽر شاهده رحماني ڪئي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ماهرن جي موجودگي ۾ بريڪ ??ئوٽ سيشنز ٿيا. سياست، قانون، واپار، تعليم، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي ۽ صحت ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شاهده رحماني چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد ۾ پاڪستان جي عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عورتن هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورت سياستدانن جو ڪردار رڳو مخصوص سيٽن تائين محدود نه آهي پر فاطمه جناح، ??ين??ير ڀٽو شهيد ۽ ٻين عورتن آمريتن جي خلاف جمهوري جدوجهد جي قيادت ڪئي آهي. پاڪستان جي گهٽ نمائندگي واري عورتن کي درپيش مسئلن جي اعتراف ۾ عورتن جو هي منشور انهن موضوعن ۽ شعبن تي مرڪوز آهي جيڪي عورتن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سيڪريٽري ڊبليو پي سي کانسواءِ ٻين مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊ نظام ۾ عورتن جي شموليت کي رڳو ووٽنگ تائين محدود نه هجڻ ??هر??ي پر سياسي پارٽين کي ان جي ميرٽ جي بنياد تي عام چونڊون وڙهڻ جي لاءِ حمايت حاصل هجڻ ??هر??ي. عورتن جي سياسي شرڪت کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عورتن جو آواز ٻڌڻ ۽ انهن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ا??ٽر??ٽجڪ منصوبو تيار ڪرڻ ??هر??ي. سلطانه صديقي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. حنا جيلاني سيشن دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ معاون ماحول جي جوڙجڪ تمام ضروري آهي. صنفي برابري هر معاشري جي مجموعي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ضروري آهي. وڌيڪ ??هو چيو ويو ته حڪومت، پاليسي ساز، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽي کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ گڏيل طور تي موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ”آل پارٽي وومين ميني فيسٽو“ سيمينار جي عنوان سان هن ٻن ڏينهن واري وومين ميني فيسٽو ايونٽ جو مقصد عورتن جي لاءِ وبائي مرضن کانپوءِ درپيش چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڪم ڪرڻ آهي ۽ هڪ ا??ٽر??ٽجڪ روڊ ميپ ۽ ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ذريعي اڳتي وڌڻ جو رستو ٺاهڻ آهي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم آهي. اهو ڪم هڪ نئين عزم ۽ ڌيان سان ٿيڻ ??هر??ي. ڊبليو پي سي جو مقصد سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سياسي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي آسان بڻائي سگ??جي جنهن جو مقصد پاڪستان جي عام چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين جي منشور ۾ عورتن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي.
وومين ڪاڪس جي انتظام هيٺ ”ڪل جماعتي عورتن جو منشور“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري گول ميز ڪانفرنس شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات