اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ ۾ 2 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانا??ي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان مجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ فراخدلاڻي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا جنهن خاص طور تي آءِ ايم ايف ??ان معاهدي کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم سعودي سفير کي چيو ته هو ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 بلين ڊالر جمع ڪرائڻ تي پاڪستان پاران خصوصي ٿورا مڃي ٿو. وزيراعظم سعودي سفير کي سعودي عرب سميت جي سي سي جي ميمبر ملڪن ??ان امڪاني سيڙپڪاري کي آ??ان بڻائڻ ۽ تيز رفتاري ??ان اڳتي وڌڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي، توانا??ي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل تعاون کي تيزي ??ان اڳتي وڌائڻ گهرجي. سعودي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دوري جو بي تابي ??ان منتظر آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ آءِ ٽي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش