اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي ??اءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي ??اءِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي ??اءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي ??اءِ 20.327 ملين رپيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي رهائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي ??ثبت تشخص جي ??روغ جي ??اءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي ??اءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي ??اءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي ??اءِ هڪ نئين منصوبي جي ??اءِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará