اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ??ريعي پاڪستان جي ??وبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي ??عبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستاني شاگردن کي فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي ??عاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جرمني جي ??فير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي ??عبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي ??جويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرمني ۽ پاڪستان جي نجي ??رڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي ??وز جي ??ئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي س??راهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي ??مداد تي جرمني جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي ??مداد جي فراهمي جو واعدو جرمني جي پاڪستان دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ??رورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آرٽ اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي ??وام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پاڪستان جي ??التن جي ??يرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني جي ??حافتي تنظيمن جي وفد جو پاڪستان جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي س??راهيو.
اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ریل رش