باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ڀارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشم??ر جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪشم??ر جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظها?? ڪندي ان س??ن گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين س??ن گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين سان اهو ئي واعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته گڏيل قومن جو ڪشميرين سان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خلاف مختلف حربا استعمال ??ندي رهي آهي. ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ??ري رهيو آهي، جنهن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.
سرينگر ۾ جي20 اجلاس حقيقتن کي لڪائڻ جي ڀارتي ناڪام ڪوشش آهي: قمر الزمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria