بيجنگ- 19 ??ئي (اي پي پي) چين سرڪاري طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پريس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي باقاعده بريفنگ دوران چيو ته چين تڪ??ار?? علائقن ۾ گروپ 20 اجلاسن جي ڪن??ن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گروپ 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 ??ئي دوران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گروپ 20 اجلاس منعقد ڪري رهي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪ??ار?? خطي ڄمو ڪشمير ۾ گروپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.
چين والاريل ڪشمير ۾ گروپ – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو: چيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی