اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي?? آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي ??ي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خوف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهي?? آهي، خوف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خوف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته خوف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيم?? ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيم?? ڇا هئي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته گهرن مان نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر مان نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪ?? آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي وي?? آهي.
فارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر