اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون ??هن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عر?? امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عر?? امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون ??مدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون ??هن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گا??ين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عر?? امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.
ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مختلف ملڪن مان 129 اڏامون سامان کڻي پاڪستان پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک