اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ ??المي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ ??المي بئنڪ پاڪستان جي وف??قي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر ??عم??ر لاءِ ??المي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي: عالمي بئنڪ جو نائب صدر
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی