اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻو?? سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻو?? متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوابشاهه ۾ ٻو?? سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه جي ٻو?? سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. صدر نوابشاهه ۾ ٻو?? سبب ٿيندڙ نقصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻو?? جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻو?? آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻو?? آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان ج?? حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ان کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻو?? کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻو?? جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. صدر سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گ??ڙي??َ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، مشڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته جلد کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻو?? سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻو?? متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صدر کي ان موقعي تي انتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوابشاهه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.
صدر پاران سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada